سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته مهانگو تيل خريد ڪري سستو وڪرو نه ٿو ڪري سگهجي، آئين ۽ قانون تحت نگران حڪومت جون جيڪي به ذميواريون آهن، اهي پوريون ڪيون وينديون، نگران سرڪار ملڪ ۾ صاف شفاف ۽ پرامن چونڊن لاءِ پرعزم آهي، رياست جي طاقت اقليتن سان گڏ بيٺل آهي، سمورن شهرين کي برابر انساني حق حاصل آهن.
نگران وفاقي ڪابينا جي اجلاس بعد ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته نگران ڪابينا جو پهريون اجلاس ٿيو، سندن پهرين ترجيح معيشت کي بهتر ڪرڻ ۽ سرڪاري خرچ گهٽائڻ آهي.
سندس چوڻ هو ته مهانگو تيل خريد ڪري سستو وڪرو نه ٿو ڪري سگهجي.
هن چيو ته آئين ۽ قانون تحت نگران حڪومت جون جيڪي به ذميواريون آهن، اهي پوريون ڪيون وينديون، نگران سرڪار ملڪ ۾ صاف شفاف ۽ پرامن چونڊن لاءِ پرعزم آهي.
مرتضيٰ سولنگي چيو ته ڪابينا جي اجلاس بعد چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات ٿي، جنهن کين مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي، اليڪشن واري ڏنهن پهريون ووٽ نگران وزيراعظم پوءِ ڪابينا ميمبرن ڏيندا.
هن چيو ته نگران وزيراعظم ڪابينا جي هر ميمبر کان ان جي وزارت بابت بريفنگ ورتي، وزيراعظم جي هدايت آهي ته خرچ گهٽ ڪيا ويندا، ڪابينا جي اجلاس ۾ معيشت جي بحاليءَ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي.
مرتضيٰ سولنگي چيو ته رياست جي طاقت اقليتن سان گڏ بيٺل آهي، سمورن شهرين کي برابر انساني حق حاصل آهن، جڙانوالا واقعي تي هر فرد ڏک جو اظها رڪيو، ڪابينا ملڪ ۾ صوفي ازم کي هٿي ڏيڻ تي زور ڀريو.
سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير چيو ته سندن پوري ڪوشش هوندي ته قسم تي عمل ڪن، پنهنجون ذميواريون آئين ۽ قانون موجب انجام ڏنيون وينديون