تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

مهانگو تيل خريد ڪري سستو وڪرو نه ٿو ڪري سگهجي: مرتضيٰ سولنگي

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته مهانگو تيل خريد ڪري سستو وڪرو نه ٿو ڪري سگهجي، آئين ۽ قانون تحت نگران حڪومت جون جيڪي به ذميواريون آهن، اهي پوريون ڪيون وينديون، نگران سرڪار ملڪ ۾ صاف شفاف ۽ پرامن چونڊن لاءِ پرعزم آهي، رياست جي طاقت اقليتن سان گڏ بيٺل آهي، سمورن شهرين کي برابر انساني حق حاصل آهن.

نگران وفاقي ڪابينا جي اجلاس بعد ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته نگران ڪابينا جو پهريون اجلاس ٿيو، سندن پهرين ترجيح معيشت کي بهتر ڪرڻ ۽ سرڪاري خرچ گهٽائڻ آهي.

سندس چوڻ هو ته مهانگو تيل خريد ڪري سستو وڪرو نه ٿو ڪري سگهجي.

هن چيو ته آئين ۽ قانون تحت نگران حڪومت جون جيڪي به ذميواريون آهن، اهي پوريون ڪيون وينديون، نگران سرڪار ملڪ ۾ صاف شفاف ۽ پرامن چونڊن لاءِ پرعزم آهي.

مرتضيٰ سولنگي چيو ته ڪابينا جي اجلاس بعد چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات ٿي، جنهن کين مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي، اليڪشن واري ڏنهن پهريون ووٽ نگران وزيراعظم پوءِ ڪابينا ميمبرن ڏيندا.

هن چيو ته نگران وزيراعظم ڪابينا جي هر ميمبر کان ان جي وزارت بابت بريفنگ ورتي، وزيراعظم جي هدايت آهي ته خرچ گهٽ ڪيا ويندا،  ڪابينا جي اجلاس ۾ معيشت جي بحاليءَ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي.

مرتضيٰ سولنگي چيو ته رياست جي طاقت اقليتن سان گڏ بيٺل آهي، سمورن شهرين کي برابر انساني حق حاصل آهن، جڙانوالا واقعي تي هر فرد ڏک جو اظها رڪيو، ڪابينا ملڪ ۾ صوفي ازم کي هٿي ڏيڻ تي زور ڀريو.

سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير چيو ته سندن پوري ڪوشش هوندي ته قسم تي عمل ڪن، پنهنجون ذميواريون آئين ۽ قانون موجب انجام ڏنيون وينديون

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.3 ° C
19.3 °
19.3 °
26 %
2.7kmh
5 %
اربع
29 °
خميس
29 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °
آچر
32 °

تازه ترين خبرون