- Advertisement -
سنڌ جي نگران صوبائي وزير محمد احمد شاهه چيو آهي ته موبائيل فون سروس بند ڪرڻ وفاقي حڪومت جو اختيار آهي، دهشتگردي جي واقعن سبب موبائيل فون سروس بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نگران اطلاعات واري وزير محمد احمد شاهه چيو ته گذريل ڏينهن بلوچستان ۾ ٿيل ڌماڪن ۽ وڌيڪ دهشتگردي جي واقعن کي روڪڻ لاءِ موبائيل فون سروس بند ڪئي وئي.
احمد شاهه چيو ته ڪراچي ۾ اسان وڏي نقصان کان بچي ويا آهيون، جيڪڏهن صورتحال ڪنٽرول ۾ رهي ته سروس بحال ڪئي ويندي، جيڪڏهن ڪجهه مخصوص علائقن ۾ سروس بند ڪرڻي پئي ته بند رهندي.
هن چيو ته ڪراچي ۾ گم ڪيل بيلٽ پيپر هٿ ڪيا ويا آهن، پولنگ جو عمل پرامن طريقي سان جاري آهي.
محمد احمد شاهه وڌيڪ چيو ته نگران حڪومت جي ڪوشش آهي ته اڄ جو ڏينهن خيريت سان گذري وڃي.
نگران اطلاعات واري صوبائي وزير چيو ته سمورن ڊ آر اوز کان سان رابطو ڪيو آهي، مٿن ڪو به دٻاءُ نه آهي.- Advertisement -
