مودي سرڪار جي دهشتگرد پاليسي واري هڪ وڌيڪ حقيقت وائکي ٿي وئي آهي.
ڀارت کي دهشتگردي جو ڳڙهه بڻائي پاڪستان تي الزام مڙهيندڙ ڀارتي انتهاپسندن جي حمايت حاصل ڪري چونڊون کٽڻ وارو موديءَ جو منصوبو وائکو ٿي ويو آهي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب سورهن سيپٽمبر تي باره مولا جي اڙي سيڪٽر ۾ ڀارتي فورسز دهشتگردن سان انڪائونٽر ۾ ڪيترائي آفيسر مارجي ويا.
12 سيپٽمبر تي اننت ناگ ۾ به اهڙي ئي ڪوڙي ڀارتي فورسز جي آپريشن جي خبر سامهون آئي هئي، فالس فليگ آپريشن ڀارتي ڊرامو آهي، جنهن ذريعي ڀارت هڪ کان وڌيڪ حدف حاصل ڪرڻ چاهي پيو.
ڀارت پاڪستان تي دهشتگردي جو الزام مڙهي والاريل ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي ڀڃڪڙين تان دنيا جو ڌيان هٽائڻ چاهي ٿو.
ڀارت ۾ چونڊن جي موقعي تي مودي سرڪار پنهنجي ئي شهرين ئي فوجي آفيسرن جي قرباني ڏيڻ شروع ڪئي وئي آهي.
ڪيترن ئي ثبوتن ۽ شاهدين مان ثابت ٿي چڪو آهي ته ڀارت هڪ ڀيرو ٻيهر پلوامه ڊرامي کي ورجائي سياسي مقصد حاصل ڪرڻ چاهي ٿو.
عالمي ميڊيا جي به رپورٽن ۽ ثبوتن مان ثابت ٿي چڪو آهي ته ڀارتي فورسز لائن آف ڪنٽرول تي دهشتگردي پکيڙي سياسي ثبوت حاصل ڪرڻ چاهي ٿو.
اهڙيون ڪوڙيون خبرون پکيڙي جنگي جنون پيدا ڪرڻ موديءَ جو پراڻو طريقو آهي، ڀارتي ميڊيا کان به ثبوت حاصل ٿي رهيا آهن ته ڪيئن مودي سرڪار ڪنٽرول لائن تي سيز فائر معاهدي کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.
ڀارتي حڪومت راجوڙي ۽ اننت ناگ ۾ وڌندڙ وڳوڙن تي ضابطو نه آڻڻ جي صورت ۾ ميڊيا ۽ عوام جي سوالن جا رخ موڙڻ لاءِ پاڪستان تي الزام مڙهي رهيو آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ والاريل ڪشمنير جي علائقي راجوڙي سيڪر ۾ پنجن ڀارتي فوجين جو قتل به مودي جي پنهنجي فوجين جي رت سان کيڏي سياست چمڪائڻ جي ناڪام ڪوشش هئي، تصويرن ۽ وڊيو مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته والاريل ڪمشير جي ان علائقي ۾ صورتحال نارمل آهي