تازه ترين

مورو: ڳوٺ مناهي ويجهو هٿياربندن جي مڙهه کڻي ويندڙ ايمبولينس جي سوارن کان ڦر

موري ويجهو مڙهه کڻي ويندڙ ايمبولينس جي سوارن کان هٿياربندن روڪ رقم ۽ سونا زيور ڦر ڪري فرار ٿي ويا، واقعي خلاف متاثرن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري  ڌرڻو  هنيو ويو.

ڳوٺ مناهي ڀرسان هٿياربندن هٿيار جي زور ايمبولينس کي روڪي سوارن کان روڪ رقم ۽ سونا زيور ڦر ڪري فرار ٿي ويا.

واقعي خلاف متاثرن مولا بخش ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  احتجاجي مظاهرو ڪري نيو جتوئي لنڪ روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو.

مظاهرين جو چوڻ آهي ته پوليس جي نااهلي سبب بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي.

هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو  ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري  ڦر ٿيل رقم ۽ ٻيو سامان واپس ڪرايو وڃي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
26.6 ° C
26.6 °
26.6 °
32 %
3.6kmh
47 %
آچر
26 °
سُومر
27 °
اڱارو
25 °
اربع
27 °
خميس
28 °

تازه ترين خبرون