موري ويجهو عورت مبينا طور مڙس کان ناراض ٿي آپگهات ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
موري ويجهو عورت مبينا طور مڙس کان ناراض ٿي آپگهات ڪري ڇڏيو آهي. ڪچي جي ڳوٺ لغاري بجاراڻي ۾ زاھدان لغاري مڙس کان مبينا طور ناراض ٿي ڦاهو کائي زندگي جو انت آندو. اطلاع ملڻ بعد لغاري ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال پهچايو. عورت جي وارث بخشل لغاري  ميڊيا کي ٻڌايو ته زاهدان پنھنجي مڙس نجف علي لغاري کان ناراض ٿي آپگهات ڪيو آھي. اسپتال ۾ موجود وارثن پاران عورت جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. اسپتال ۾ موجود پوليس ٻڌايو ته وارثن موجب عورت آپگهات ڪئي آهي، پوسٽ مارٽم رپورٽ بعد اصل حقيقت معلوم ٿيندي. پوليس شڪ جي بنياد تي عورت جي مڙس نجف علي لغاري کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.7 ° C
26.7 °
26.7 °
22%
3.9m/s
0%
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
29 °
جمعو
30 °

تازه ترين خبرون