موري ويجهو هٿياربندن مبينا طور پورهيت مٿان حملو ڪري کيس بندوق جا قنداق ۽ لٺيون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو.
نوان جتوئي ۾ شهر اندر هٿياربندن موٽرسائيڪل مڪينڪ جي دڪان تي حملو ڪري پورهيت سرفراز دونگهه کي زخمي ڪري ڇڏيو.
متاثر پورهيت سرفراز دونگهه جو چوڻ هو ته اڻڄاتل هٿياربندن دڪان تي حملو ڪري کيس زخمي ڪيو.
هن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته مٿس حملو ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري کيس تحفظ فراهم ڪيو وڃي.