وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته موسمياتي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ 2030ع تائين 6 ڏهائي 8 ٽريلين ڊالرن جي ضرورت آهي، ترقي ماڻيندڙ ملڪن کي موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳتي اچڻو پوندو.
پاڪستان جي ميزبانيءَ ۾ ڪلائميٽ فنانس گول ميز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعشم شهبازشريف چيو ته ماحولياتي تبديلين جهڙا چئلينج آڏو آهن، موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ يو اين فريم ورڪ تي عمل ڪرڻو پوندو.
هن چيو ته ماحولياتي تبديليءَ سبب پاڪستان سخت متاثر ٿيو آهي، پاڪستان کي ٻيهر بدترين ٻوڏن کي منهن ڏيڻو پيو، موسمياتي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ 2030ع تائين 6 ڏهائي 8 ٽريلين ڊالرن جي ضرورت آهي.
شهباز شريف چيو ته ترقي ماڻيندڙ ملڪ کي موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳتي اچڻو پوندو، ورهين کان ڪيل واعدن ۽ خاطرين باوجود وڏي پئماني تي فرق وڌندو پيو وڃي.
ان کان اڳ وزيراعظم شهبازشريف آذر بائيجان ۾ ڪانفرنس آف پارٽيز ڪاپ ٽوئنٽي نائن جي ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت لاءِ پهتو، جتي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ۽ آذر بائيجان جي صدر الهام عليوف وزيراعظم جي آجيان ڪئي.
وزيراعظم ڪاپ ٽوئنٽي نائن ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس جي فيملي فوٽو ۾ شريڪ ٿيڻ سان گڏ افتتاحي اجلاس ۾ به شرڪت ڪئي، جنهن کي آذربائيجان جي صدر ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل خطاب پڻ ڪيو.
ان موقعي تي وزيراعظم جون عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون پڻ ٿيون.
شهبازشريف برطانوي وزيراعظم سر ڪيئر اسٽامر سان پڻ ملاقات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن پاڪ برطانيا سهڪار کي هٿي ڏيڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
وزيراعظم گڏيل عرب رياستن جي صدر محمد بن زايد النهيان سان ملاقات پڻ ڪئي، جڏهن ته هو ترڪ صدر رجب طيب اردگان ۽ ترڪ خاتون اول امينه اردگان سان به ملاقات ڪئي.
وزيراعظم، قازقستان جي صدر قاسم جومارت توڪايف سان به ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٻه طرفن لاڳاپن تي ڳالهيون ڪيون ويون.