- Advertisement -
موسميات کاتي ملڪ ۾ اڄ کان پهرين جولاءِ دوران برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
اڄ عربي سمنڊ ۽ نار بنگال مان چوماسيَ جون هوائون ملڪ جي اوڀر وارن علائقن ۾ داخل ٿينديون، جنهن ڪري اڄ لاءِ پهرين جولاءِ دوران سنڌ ۾ ڪراچي، ٺٽي، حيدرآباد، عمرڪوٽ ۽ بدين ۾ برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب ڪراچيءَ ۾ 2 يا 3 جولاءِ تي برسات ٿي سگهي ٿي، ان کانسواءِ 27جون کان پهرين جولاءِ تائين اسلام آباد، راولپنڊي، لاهور ۽ ٻين شهرن ۾ برسات ٿيندي، اڄ کان 30 جون دوران بهاولپور، ملتان، خانيوال، راجنپور ۽ رحيم يار خان ۾ برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب 28 جون کان پهرين جولاءِ دوران ڪي پي، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ برساتون ٿينديون، لسٻيلي، خضدار، آوران ۽ بارکان ۾ به برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب هوا جو گهٽ دٻاءُ ڀارتي گجرات جي ڏکڻ ۾ آهي.- Advertisement -
