تازه ترين
تنگواڻيءَ ۾ جسقم ۽ جساف پاران ٺل واسي معظم نوناري جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ احتجاج ٺل ۾ ڦر دوران مزاحمت تي قتل ٿيل دڪاندار حافظ معظم نوناري جي خون سان انصاف لاءِ احتجاج جو سلسلو جاري سينيٽ جي انساني حقن واري اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ  جي اجلاس دوران فاطمه ڦرڙو جي ڊي اين اي سيمپلن ۾ ٽيمپرنگ ٿ... سنڌ جي مختلف شھرن ۾بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت مستحق عورتن لاءِ آيل پيسن مان ڪٽوتي جو سلسلو جاري سنڌ جي مختلف شهرن ۾ غير قانوني پرڏيهين خلاف ڪريڪ ڊائون تيز ڪراچي ميٽرڪ بورڊ ڏهين درجي جي سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليم وآله وسلم جي آمد جي سلسلي ۾ ر... سکر ۾ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل ڪوچ جي ڪلينر زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو اسلام آباد جي احتساب عدالت نيب ڪيسن ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي ط... سنڌ هائيڪورٽ آغا سراج دراني خلاف آمدني کان وڌيڪ ملڪيت ٺاهڻ واري ريفرنس ۾ ضمانت واري رقم جي واپسي باب...

ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب سان هالينڊ جي سفير مس هيني ڊي ويريس ملاقات

ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب سان هالينڊ جي سفير مس هيني ڊي ويريس ملاقات ڪئي آهي.

ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي ۽ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ان موقعي تي  ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته  اسان جي سماج جو ذهن تبديل ٿي رهيو آهي،  پهريون ڀيرو سٽي ڪائونسل ۾ معذور ۽ ٽرانس جينڊر لاءِ سيٽون مخصوص ڪيون ويون آهن.

هن چيو ته سنڌ حڪومت معذورن جي بهتري لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، سنڌ جو وڏو وزير معذورن جي بهتري لاءِ سرگرم آهي.  ڪراچي جي ميئر  چيو ته تازي ٿيل ڊجيٽل آدمشماري تحت ڪراچي جي آبادي وڌي وئي آهي.

هن چيو ته سنڌ حڪومت چاهي ٿي ته نوجوانن کي روزگار جا بهتر موقعا فراهم ڪيا وڃن، ته جيئن نوجوان روزگار جي ڳولا ۾ يورپ ۽ ٻين ملڪن ڏانهن نه وڃن.

مرتضيٰ وهاب چيو ته هو  گذريل 9 سالن کان حڪومت سان گڏ ڪم ڪري رهيو آهي، حڪومت عوام جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

هن چيو ته پاڪستان ۽ هالينڊ جي مثالي دوستي آهي جنهن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويندو.

ان موقعي تي ڊچ سفير مس هيني ڊي ويريز کي ڪي ايم سي طرفان يادگاري شيلڊ پيش ڪئي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,163FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
28.8 ° C
28.8 °
28.8 °
7 %
3.4kmh
0 %
خميس
28 °
جمعو
27 °
ڇنڇر
26 °
آچر
27 °
سُومر
28 °

تازه ترين خبرون