ميرواهه گورچاڻي ٽائون ڪميٽي چيئرمين ۽ ڪائونسلرن ۾ اختلافن بعد پ پ جي ٻن جنرل ۽ ٽن مخصوص ڪائونسلرن عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
ٽائون ڪميٽي ميرواھ گورچاڻي ۾ ڪيتري عرصي کان ٽائون چيئرمين چوڌري احسان آرائين ۽ ڪائونسلرن ۾ ھلندڙ اختلافن بعد ٽائون ڪميٽي مان پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ تان چونڊيل ٻن جنرل ڪائونسلرن چوڌري منير احمد، راڻا سليم اختر ۽ ٽن مخصوص ڪائونسلرن رائچند، معظم رستماڻي ۽ عورت ڪائونسلر شاھده اڪبر پنهنجون استعفائون ٽائون آفيسر دلاور مڱريو وٽ جمع ڪرائي ڇڏيون.
استعيفائون ڏيندڙ ڪائونسلرن موقف اختيار ڪيو ته چيئرمين جي اڍنگي رويي ۽ ڪائونسل کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ ڪاروھنوار هلايو پيو وڃي.
هنن موقف ۾ ڄاڻايو ته بجيٽ بڪ جي ڪاپي نه ڏيڻ توڙي ڪائونسلرن کي اھميت نه ڏيڻ سبب استعفائون ڏنيون آھن.
ھوڏانھن رابطو ڪرڻ تي ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين چوڌري احسان آرائين چيو ته ڄاڻايل ڪائونسلر ڪرپشن ڪرڻ چاھين ٿا، ڪرپشن کان منع ڪرڻ تي ڪائونسلرن بليڪ ميل ڪرڻ خاطر استعيفيٰ ڏني آھي.
ھن چيو ته ڪائونسلرن طرفان ڏنل استعيفائن بابت پ پ قيادت کي آگاھي ڏيندو، جنھن بعد فيصلو ڪيو ويندو.
ذريعن وٽان معلوم ٿيو آھي ته ڪجھه ڏينھن پھريان ڄاڻايل ڪائونسلرن ۽ چيئرمين ۾ اختلافن تي پ پ جي قيادت ڌرين کي راضي ڪرڻ لاءِ گھرايو هو پر ٻنھي ڌرين ۾ راضي نامو نه ٿيڻ سبب ڪائونسلرن استعيفائون ڏنيون.