تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ميرواهه گورچاڻي ۾ پ پ جي ٻن جنرل ۽ ٽن مخصوص ڪائونسلرن عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
ميرواهه گورچاڻي ٽائون ڪميٽي چيئرمين ۽ ڪائونسلرن ۾ اختلافن بعد  پ پ جي ٻن جنرل ۽ ٽن مخصوص ڪائونسلرن عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. ٽائون ڪميٽي ميرواھ گورچاڻي ۾ ڪيتري عرصي کان ٽائون چيئرمين چوڌري احسان آرائين ۽ ڪائونسلرن ۾ ھلندڙ اختلافن بعد ٽائون ڪميٽي مان پيپلزپارٽي  جي ٽڪيٽ تان چونڊيل ٻن جنرل ڪائونسلرن چوڌري منير احمد، راڻا سليم اختر ۽ ٽن مخصوص ڪائونسلرن رائچند، معظم رستماڻي ۽ عورت ڪائونسلر شاھده اڪبر پنهنجون استعفائون ٽائون آفيسر دلاور مڱريو وٽ جمع ڪرائي ڇڏيون. استعيفائون ڏيندڙ ڪائونسلرن موقف اختيار ڪيو ته چيئرمين جي اڍنگي رويي ۽ ڪائونسل کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ ڪاروھنوار هلايو پيو وڃي. هنن موقف ۾ ڄاڻايو ته بجيٽ بڪ جي ڪاپي نه ڏيڻ توڙي ڪائونسلرن کي اھميت نه ڏيڻ سبب استعفائون ڏنيون آھن. ھوڏانھن رابطو ڪرڻ تي ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين چوڌري احسان آرائين چيو ته ڄاڻايل ڪائونسلر ڪرپشن ڪرڻ چاھين ٿا، ڪرپشن کان منع ڪرڻ تي ڪائونسلرن بليڪ ميل ڪرڻ خاطر استعيفيٰ ڏني آھي. ھن چيو ته ڪائونسلرن طرفان ڏنل استعيفائن بابت پ پ قيادت کي آگاھي ڏيندو، جنھن بعد  فيصلو ڪيو ويندو. ذريعن وٽان معلوم ٿيو آھي ته ڪجھه ڏينھن  پھريان ڄاڻايل ڪائونسلرن ۽ چيئرمين ۾ اختلافن تي پ پ جي قيادت ڌرين کي راضي ڪرڻ لاءِ گھرايو هو پر ٻنھي ڌرين ۾ راضي نامو نه ٿيڻ سبب ڪائونسلرن استعيفائون ڏنيون.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
29 %
0.8kmh
100 %
جمعو
23 °
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
27 °

تازه ترين خبرون