ميروخان ۾ گم ٿي ويل نينگر جو ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ شخص نينگر کي وٺي ويندي نظر اچي رهيو آهي.
خميس ڏينهن گم ٿيل نينگر فرحان گوپانگ جو 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود ڪو به ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو.
وارثن جو چوڻ آهي ته نينگر قرآن پاڪ جو سبق وٺڻ مسجد ويو هو جتان واپس ناهي آيو.
هنن چيو ته سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ اڻڄاتل شخص نينگر کي پاڻ سان گڏ وٺي ويندي نظر اچي رهيو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته سي سي ٽي فوٽيجز ۾ نظر ايندڙ شخص بابت نادرا کان معلومات حاصل ڪري رهيا آهن، جلد نينگر کي بازياب ڪرايو ويندو.