ميرو خان مان چوٿين ڪلاس جو شاگرد مبينا طور اغوا ٿي ويو آهي جڏهن ته سنڌ ٽي وي نيوز واقعي جا سي سي ٽي وي فٽيجز هٿ ڪري ورتا وڊيو ۾ هڪ شخص کي فرحان علي گوپانگ کي وٺي ويندي ڏسي سگهجي ٿو.
چوٿين ڪلاس جو شاگرد 13 ورهين جو فرحان علي پٽ هدايت علي گوپانگ مبينا طور اغوا ٿي ويو آهي.
نينگر جي والد هدايت علي گوپانگ ٻڌايو ته سندس پٽ اسڪول کان واپس ٿي مسجد ۾ قرآن پاڪ جو سبق وٺڻ ويو ته ھڪ اڻڄاتل ماڻهو کيس اغوا ڪري ويو آٓهي.
استاد عبدالعزيز دايو چيو ته فرحان قرآن پاڪ جو سبق وٺڻ مسجد آيو جتي ھڪ ماڻهو چيو ته غريب آھيان سندس مدد ڪريو ۽ ھن چيو ته مونکي بک لڳي آهي ماني کارايو.
استاد عبدالعزيز دايو وڌيڪ چيو ته فرحان کي چيو ته هو ھن کي سندس دڪان تي وٺي ماني کارائي جتان ماني کائي ھو فرحان کي وٺي ويو ڪالھه کان ظاهر ناهي ٿيو، اھو شخص پاڻ کي ڳڙھي ياسين جو رهواسي سڏائي رهيو هو.
سنڌ ٽي وي نيوز واقعي جا سي سي ٽي وي فٽيج ھٿ ڪري ورتا وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ھڪ اڻڄاتل شخص، فرحان علي کي وٺي وڃي رھيو آهي.
مدرسي جي انچارج مولوي منير احمد پنھور چيو ته اڻڄاتل شخص ڪنهن به مدرسي لاءِ چندو وٺڻ نه آيو ھو پر پنهنجي مدد جي اپيل ڪرڻ آيو هو.
پوليس ٻڌايو ته جيئن ئي واقعو پيش آيو، وارثن اطلاع ڏنو آهي هو جاچ ڪري رھيا آھن شھر ۾ لڳل سڀئي سي سي ٽي وي ڪيمرائون کولرائي رھيا آھن.