ميرپورخاص جي بااثر ٽرانسپورٽر قيدي سلامت لاکو کي حيدرآباد جيل مان ميرپورخاص جيل موڪلڻ جيل عملدارن کي مهانگو پڙ پئجي ويو، ڊي آءِ جي جيل حيدرآباد سميت چئن اهلڪارن کي بدلي ڪيو ويو.
آءِ جي جيل قاضي نذير احمد، ڊي آءِ جي جيل حيدرآباد منور علي شاھ ۽ اسسٽنٽ جيل سپريڊنٽ عزيم قادر ٿيٻو سميت چئن اهلڪارن کي بدلي ڪري رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
آءِ جي جيل طرفان جاري ڪيل آرڊر ۾ ڊي آءِ جيل سيد منور علي شاھ کي سندس عھدي تان ھٽائي کيس آءِ جي جيل آفيس رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي ۽ محمد ناصر خان کي ڊي آءِ جي جيل حيدرآباد جي اضافي چارج ڏني وئي آھي.
ميرپورخاص سينٽرل جيل جي اسسٽنٽ سپريڊنٽ عظيم قادر ٿيٻو، پوليس اھلڪار گلزار ملڪاڻي، مسعود ڀٽي ۽ محمد بخش مري کي پڻ آءِ جي جيل آفيس رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي.
ڊي آءِ جي جيل سيد منور علي شاھ ھڪ ڏينھن اڳ سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ قيد ميرپورخاص جي اڳوڻي ٽرانسپورٽر ۽ اليڪشن ۾ آزاد اميدوار طور بيٺل سلامت لاکي کي ميرپورخاص سينٽرل جيل منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ھو.
هوڏانهن رابطي تي سينٽرل جيل جي سينيئر سپريڊنٽ اشفاق احمد ڪلوڙ قيدي سلامت لاکي جي رات جي وقت حيدرآباد کان ميرپورخاص جيل منتقلي جي تصديق ڪندي چيو تھ سلامت لاکي کي اعليٰ اختيارين جي بنا اجازت منتقل ڪيو پئي ويو، جنھن تي هُنن سندس حوالگي کان انڪار ڪيو، جنھن بعد کيس ٻيھر حيدرآباد منتقل ڪيو ويو.
ھن ميرپورخاص جيل جي اسسٽنٽ سپريڊنٽ ۽ ٽن اھلڪارن کي رپورٽ ڪرڻ واري معاملي تي ڳالھائيندي چيو تھ ممڪن آھي غفلط سبب ڄاڻايل عملدارن کي آءِ جي جيل آفيس رپورٽ ڪرڻ لاءِ چيو ويو ھجي.
ھوڏانھن سلامت لاکي جي پٽ سلطان لاکي الزام ھنيو آھي تھ سندس والد تي سياسي بنيادن تي ڪيس داخل ٿيل ھئا، ان ڪري کيس ھڪ جيل کان ٻئي جيل منتقل ڪيو پيو ويو، جنھن بعد ھنن ھاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري والد کي حيدرآباد جيل ۾رکرايو.
ھن الزام ھنيو تھ مٿي ڄاڻايل عملدارن وڏي سازش ڪري پھرين ميرپورخاص جيل ۾ سندس والد سلامت لاکي جي مخالف مري قيدين کي الڳ الڳ کولين مان ڪڍي ھڪ بيرڪ ۾ رکيو ۽ اتي ئي سندس والد کي منتقل ڪيو پئي ويو، جتي کيس نقصان پھچائڻو ھو.
ھن الزام ھنيو تھ اهڙي سازش ۾ مخالف درياءَ خان مري، خانو مري، علي حسن مري ۽ جيل عملدار ملوث آھن