تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ميرپورخاص جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ عمرڪوٽ واسي ڊاڪٽر شاھنواز ڪيس جي ٻڌڻي

- Advertisement -
ميرپورخاص جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر قتل ڪيس ۾ پير عمر سرهندي سميت ٻين جوابدارن جي ضمانت ۾ 16 نومبر تائين واڌ ڪري ڇڏي. ميرپورخاص جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ عمرڪوٽ واسي ڊاڪٽر شاھنواز ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران سامارو واسي پير عمرجان سرھندي عدالت ۾ پيش ٿيو. گرفتاري کان اڳ واري ضمانت حاصل ڪندڙ عمرڪوٽ جو اڳوڻو ايس ايس پي آصف رضا بلوچ، سنڌڙي جو اڳوڻو ايس ايڇ او نياز کوسو، اڳوڻو سي آءِ اي انچارج عنايت علي زرداري، اڳوڻو ڊي آءِ بي انچارج دانش ڀٽي به عدالت ۾ پيش ٿيا. گرفتار ٿيل اھلڪار ھدايت الله ناريجو، فرمان، نادر ۽ غلام قادر کي پڻ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. عدالت ڪيس جي جوابدارن جي ضمانت ۾ 16 نومبر تائين واڌ ڪندي گرفتار جوابدارن کي 16 نومبر تائين جيل ڪسٽڊي ڪري ڇڏيو. لاش کي ساڙڻ واري ڪيس ۾ گرفتار ٿيل  18 جوابدارن کي عدالت 20 نومبر تائين ٻيھر جيل موڪلي ڇڏيو. ان موقعي تي ڊاڪٽر شاھنواز ڪيس جي پيروي ڪندڙ بئريسٽر اسد الله شاھه راشدي چيو تھ تازو ئي ايف آءِ اي وارن ھڪ ٻي ايف آءِ آر داخل ڪئي آھي، جنھن ۾ سندن ساڳيو موقف رکيو ويو آھي، جيڪو هنن سنڌڙي ٿاڻي تي داخل ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو آھي. ھن چيو تھ چيو ھاڻي نئين ايف آءِ آر داخل ٿيڻ کان پوءِ اڳين ايف آءِ آر جي ڪھڙي حيثيت رھندي، ان بابت عدالت سندن کان راءِ طلب ڪئي آھي، جيڪا ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ڪئي ويندي ۽ ان بعد ئي جوابدارن جي ضمانتن بابت فيصلو ٿي سگھندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.2 ° C
19.2 °
19.2 °
24 %
1.7kmh
0 %
خميس
29 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °
آچر
29 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون