تازه ترين

ميرپورخاص سي آءِ اي پوليس پابندي مڙھيل تنظيم جي ھڪ ڪارڪن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

ميرپورخاص سي آءِ اي پوليس پابندي مڙھيل تنظيم جي ھڪ ڪارڪن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آھي

سي آءِ اي انچارج عنايت علي زرداري موجب، حساس ادارن جي اطلاع تي ڦلھڏيون ٿاڻي جي  حد ۾ ڪارروائي ڪري پابندي مڙهيل تنظيم جي ڪارڪن رميش ڪمار عرف ٻروچ کي گرفتار ڪيو.

سي آءِ اي انچارج عنايت علي زرداري جو چوڻ ھو تھ گرفتار جوابدار انتھائي خطرناڪ ۽ ڊوائس بم  ٺاھڻ جو ماھر آھي .

سي آءِ اي انچارج موجب، ڀارت مان تربيت حاصل ڪري آيل جوابدار ڪراچي ۾ ڪيترن ئي بم ڌماڪن جي وارداتن ۾ ملوث آھي . سي آءِ اي انچارج جو وڌيڪ چوڻ ھو تھ جوابدار ڪراچي جي ابراھيم حيدري ۾ بم ڌماڪي، ملير ريلوي ٽريڪ ڌماڪي، صدر پارڪنگ پلازه ڌماڪي سميت ڄامشوري  ۾  دھشتگردي جي مختلف ڪيسن ۾ ملوث گھربل ھو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
105,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
4.4 ° C
4.4 °
4.4 °
38 %
1.1kmh
31 %
سُومر
4 °
اڱارو
10 °
اربع
12 °
خميس
13 °
جمعو
15 °

تازه ترين خبرون