تازه ترين

ميرپورخاص: فريادي عورت سان لڄالٽ جي الزام ۾ ايس ايڇ او تي ڪيس داخل

- Advertisement -
ميرپورخاص ۾ مبينا طور لڄالٽ جو نشانو بڻايل عورت جي فرياد تي مهراڻ ٿاڻي جي ايس ايڇ او مير خادم ٽالپر مٿان وومين ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، سنڌ ٽي وي نيوز عورت جو وڊيو بيان پڻ هٿ ڪري ورتو. مهراڻ ٿاڻي جي ايس ايڇ او مير خادم ٽالپر پاران فرياد کڻي ٿاڻي تي آيل عورت کي لڄالٽ جو نشانو بڻائڻ واري واقعي جو صوبائي گهرو وزير ضياء لنجار طرفان نوٽيس وٺڻ بعد پوليس ۾ ٿرٿلو مچي ويو. پوليس مبينا لڄالٽ جو نشانو بڻيل عورت عاليا شيخ کي هٿ ڪري سندس فرياد تي ايس ايڇ او مير خادم ٽالپر تي ڪيس داخل ڪري ورتو. ايس ايڇ او فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو سندس گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي. مبينا طور زيادتي جو نشانو بڻيل طلاقيل عورت عاليا بيگم جو وڊيو بيان ۾ چوڻ آهي ته عمرڪوٽ واسي محمد رمضان سان شادي ٿيل ھئي جنھن مان ھڪ نياڻي 6 سالن جي عليشا آھي. سندس چوڻ هو ته ڏيڍ سال اڳ مڙس پاران طلاق ڏيڻ بعد نياڻي جي حوالگي جي حوالي سان ميرپورخاص جي عدالت ۾ ڪيس ڪيو جنھن بعد عدالتي حڪم تي نياڻي کي حاصل ڪرڻ لاءِ هوءَ مامي جاويد سان گڏ مھراڻ ٿاڻي تي وئي. سندس چوڻ هو ته ايس ايڇ او هن کان موبائيل نمبر ورتو ۽ چيو ته گھر وڃون اهو فون ڪري ٻڌائيندو، جنهن بعد رات جو ايس ايڇ او خادم ٽالپر فون ڪري ٿاڻي تي گھرايو. سندس چوڻ هو ته مامي جاويد سان گڏ رات جو 10 وڳي ٿاڻي تي وياسين جتي ايس ايڇ او خادم ٽالپر مامي کي آفيس ۾ ويھاري مونکي نياڻي کي وٺڻ لاءِ ڪار ۾ ويھاري اڻڄاتل جڳهه تي وٺي ويو جتي ڪمري ۾ وٺي وڃي ڌمڪائي لڄالٽ جو نشانو بڻايو. متاثر عورت جو چوڻ هو ته ايس ايڇ او ٻيهر ڊرائيور کي فون ڪري گهرايو جنهن ۾ واپس ٿاڻي وٺي هليو ۽ رستي ۾ ڌمڪائيندو هليو ته ڪنهن سان به ڳالهه نه ڪريان. سندس چوڻ هو ته هن گهر پهچي مامي سان سموري حقيقت ڪئي جنهن بعد هنن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص وٽ پھچي شڪايت ڪئي. عورت جو چوڻ هو ته ڄاڻايل عملدارن طرفان ايس ايڇ او خادم ٽالپر کي گھرايو ويو پر ھو مڃڻ لاءِ تيار نه ھو جنھن تي عملدارن کيس ميڊيڪل ڪرائڻ جو چيو جنهن بعد ايس ايڇ او غلطي تسليم ڪري معافي گھرڻ لڳو. سندس چوڻ هو ته وومين پوليس طرفان سول اسپتال مان سندس ميڊيڪل ڪرايو ويو،ايس ايڇ او جو ميڊيڪل ٿيو آھي يا نه ان بابت ڄاڻ ناھي. متاثر عورت جو چوڻ هو ته هن اھڙو ڪيس  وومين ٿاڻي تي داخل ڪرايو آھي جنھن جي رپورٽ اڄ اچڻي آھي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.9 ° C
27.9 °
27.9 °
24 %
3.3kmh
1 %
آچر
27 °
سُومر
32 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون