تازه ترين

ميرپورخاص ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرن ڇاپا ,25هزار ڀاڻ جون ٻوريون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ

ميرپورخاص ۾ حسين بخش مري ۽ ميرپورخاص تعلقن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرن ڇاپا هڻي ذخيرو ڪيل 25هزار ڀاڻ جون ٻوريون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي .

اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپورخاص غلام حسين ڪانيو پاران ڳجهي اطلاع تي اسٽيشن چوڪ تي قائم ڀاڻ جي دڪان تي ڇاپو هڻي 25 هزار ڀاڻ جون ٻوريون هٿ ڪري سرڪاري گدام منتقل ڪري ڇڏيون .

حسين بخش مري تعلقي جي اسسٽنٽ ڪمشنر يونس رند ڀاڻ سان ڀريل ٽرالر تحويل ۾ وٺي سرڪاري گدام منتقل ڪري ڇڏيو.

اسسٽنٽ ڪمشنر يونس رند ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر غلام حسين ڪانيو چيو ته هٿ ڪيل ڀاڻ سرڪاري اگهه تي آبادگارن ۾ ورهايو ويندو.

هنن چيو ته کين شڪايتون ملي رهيون آهن ته ڊيلرن بليڪ تي ڀاڻ وڪرو ڪري رهيا آهن، ڊپٽي ڪمشنر نوٽيس وٺندي ڪارروايون ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,170FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
18 %
2.2kmh
0 %
ڇنڇر
23 °
آچر
27 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °

تازه ترين خبرون