ميرپورماٿيلو: ٻه پورهيت ڪنڌڪوٽ ويندي اغوا، وارثن کان 60 لک رپيا ڀنگ طلب

- Advertisement -
ميرپور ماٿيلي واسي 2 پورهيت ڪنڌڪوٽ ويندي اغوا ٿي ويا، ڌاڙيلن وارثن سان فون تي رابطو ڪري 60 لک رپيا گهري ورتا. ڳوٺ غلام حسين لغاري واسي اقبال ۽ اختر موچي ڪنڌڪوٽ شادي تي ويل ھئا جيڪي ٿي اغوا ٿي ويا، جن جي تصديق وارثن پڻ ڪئي آھي. مغوي جي وارثن عاشق ۽ منير موچي  جو چوڻ آھي ته اربع ڏينھن اختر ۽ اقبال ڪنڌڪوٽ شادي جي دعوت تي وڃڻ لاءِ نڪتا ھئا جن کي ڌاڙيلن اغوا ڪيو آھي. هنن چيو ته ڌاڙيلن مغوين جي موبائل فون تان ڪال ڪري سندن بازيابيءَ لاءِ 60 لک گهريا آهن. سندن چوڻ هو ته هو غريب مسڪين ماڻهو آھن، مغوي پورھيو ڪري گھر جو گذر سفر ڪندا آهن، ايترا پيسا ڪٿان آڻن. مغوين جي وارثن، ايس ايس پي گھوٽڪي ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته مغوين کي بازياب ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
30%
2.7m/s
71%
اڱارو
23 °
اربع
27 °
خميس
28 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون