ميرپورماٿيلي جي شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جو قتل ڪيس ٻن جوابدارن تي داخل

- Advertisement -
ميرپورماٿيلي جي شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جو قتل ڪيس ٻن جوابدارن تي داخل  ڪيو ويو، ڊي آءِ جي سکر پير محمد شاهه جو چوڻ آهي ته شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جو خون رائيگان نه ويندو، انشاءَالله قاتلن کي گرفتار ڪري ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. شھيد نصير الله گڏاڻي جي امڙ پٺاڻي گڏاڻي جي فرياد تي ٻن اڻڄاتل جوابدارن مٿان قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل جي ايف آءِ آر ۾ دهشتگردي جا قلم به شامل ڪيا ويا آھن. هوڏانهن ڊي آءِ جي سکر پير محمد شاهه ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي سمير نور چنه شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي تڏي تي پهچي وارثن سان تعزيت ڪري ڏک جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ڊي آءِ جي سکر پير محمد شاهه وارثن کي خاطري ڪرائيندي چيو ته شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جو خون رائيگان نه ويندو، انشاءَالله قاتلن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته شهيد نصرالله گڏاڻي هميشه حق ۽ سچ جو ساٿ ڏيڻ سان گڏو گڏ  غريب ۽ مظلوم عوام جو سھارو بڻيو. سندس چوڻ هو ته شهيد صحافي جي قتل ۾ جيڪو به ملوث هوندو کيس گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏياري ويندي. ڊي آءِ جي سکر چيو ته پوليس پنهنجي ڪوشش ڪري رهي آهي ته جيئن اصل جوابدارن تائين پهچي سگهن..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.2 ° C
21.2 °
21.2 °
31%
1.3m/s
0%
اربع
20 °
خميس
30 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
29 °
آچر
27 °

تازه ترين خبرون