ميرپور ماٿيلي جي صحافي نصرالله گڏاڻي جي امڙ پٺاڻي گڏاڻي پٽ جي قتل ڪيس جي منتقلي لاءِ سنڌ هائيڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي، سندس چوڻ آهي ته پ پ ايم اين اي خالد لنڊ، شهباز لنڊ ۽ ٻيا ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيشي وقت هزارين ماڻهن کي آندو ويندو آهي، پٽ جي قتل ڪيس ۾ گهربل عبدالله لنڊ، برڪت لنڊ ۽ ٻين جوابدارن کي به گرفتار ڪيو وڃي، پٽ جي قتل جو ڪيس ڪراچي يا ڪنهن ٻئي ضلعي ۾ منتقل ڪيو وڃي.
ميرپور ماٿيلي جي صحافي نصرالله گڏاڻي جي امڙ پٺاڻي گڏاڻي پٽ جي قتل ڪيس جي منتقلي لاءِ سنڌ هائيڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي.
درخواست ڏيندڙ پٺاڻي گڏاڻي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته نصر الله گڏاڻي جي قتل ۾ ملوث پ پ ايم اين اي خالد لنڊ، سندس پٽ شهباز لنڊ، نور محمد ۽ ٻيا ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.
سندس چوڻ هو ته ميرپور ماٿيلي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيشي وقت هزارين ماڻهن کي آندو ويندو آهي، پٽ جي قتل ڪيس ۾ گهربل عبدالله لنڊ، برڪت لنڊ ۽ ٻين جوابدارن کي به گرفتار ڪيو وڃي.
صحافي نصر الله جي امڙ پٺاڻي گڏاڻي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته جان کي خطرو آهي، ٻڌڻي تي پيش نٿا ٿي سگهن، تحفظ فراهم ڪيو وڃي، نصر الله جي قتل جو ڪيس ڪراچي يا ڪنهن ٻئي ضلعي ۾ منتقل ڪيو وڃي……….