تازه ترين

ميرپور ماٿيلي جي عدالت صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي جج نه هئڻ سبب 23 ڊسمبر تائين ملتوي

- Advertisement -
ميرپور ماٿيلي جي عدالت صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي جج نه هئڻ سبب 23 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي فريادي ڌر طرفان خالد لنڊ ۽ سندس پٽن جا نالا خارج ڪرڻ خلاف سنڌ هائيڪورٽ ۾ وڃڻ جو اعلان ڪيو ويو. دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. پوليس گرفتار جوابدار اصغر لنڊ کي عدالت ۾ پيش ڪيو. عدالت جج موڪل تي هئڻ سبب ٻڌڻي 23 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. وڪيل صلاح الدين پنهور جو چوڻ آهي ته پوليس پهرين ڏينهن کان ئي جوابدار ڌر سان مليل آهي، ڪيس وارثن جي مرضي موجب داخل نه ڪيو ويو. هن چيو ته جاچ آفيسر چالان پيش ڪرڻ واري ڏينهن عدالت ۾ موجود نه هو، فريادي ڌر کي ٻڌڻ کانسواءِ نالا خارج ڪيا آهن. وڪيل صلاح الدين پنهور چيو ته هو جاچ آفيسر طرفان پ پ ايم اين اي خالد لنڊ ۽ سندس پٽن جا نالا خارج ڪرڻ خلاف سنڌ هائيڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري رهيا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
19.1 ° C
19.1 °
19.1 °
6 %
2.3kmh
87 %
سُومر
16 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
18 °

تازه ترين خبرون