تازه ترين

ميرپور ماٿيلي ويجهو پوليس جو ڏوهارين خلاف ٻئي ڏينهن به آپريشن جاري

- Advertisement -
ميرپور ماٿيلي ويجهو پوليس جو ڏوهارين خلاف ٻئي ڏينهن به آپريشن جاري آهي گهر گهر جهڙتي وٺي ڪيترن ئي ڏوهارين جا گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا ۽ چئن ڳوٺاڻن کي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪري ورتو. گھوٽڪي ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس اي پي سي چين ۽ بڪتر بند گاڏيون ساڻ ڪري ايس ايڇ او جروار جي اڳواڻي ۾ سهانجهڙو بوزدار واري علائقي ۾ ٻئي ڏينهن به آپريشن ڪيو. پوليس موجب مختلف ڪيسن ۾ اشتهاري ۽ روپوش جوابدارن جي گرفتاري لاءِ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي. پوليس گهر گهر جهڙتي وٺي ڪيترن ئي ڏوهارين جا گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا. پوليس جي آپريشن کان اڳ ئي ڏوهاري گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا جڏهن ته پوليس شڪ جي بنياد تي چئن ڳوٺاڻن کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو. پوليس جو چوڻ آھي ته ڏوهارين خلاف آپريشن ڪيو پيو وڃي ڏوهاري گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا آهن ڪا به گرفتاري نه ٿي آهي ڏوهارين جي گرفتاري  تائين آپريشن جاري رهندو……..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
22.3 ° C
22.3 °
22.3 °
28 %
1.2kmh
70 %
خميس
21 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
32 °
آچر
34 °
سُومر
36 °

تازه ترين خبرون