تازه ترين

ميرپور ماٿيلي ۾ شاگردن طرفان اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو

ميرپور ماٿيلي ۾ شاگردن طرفان اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو

ڳوٺ ڪمال مشوري ۽ الهرکيو ملڪ جي شاگردن طرفان قومي شاهراهه تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي.

ڌرڻي سبب مختلف شهرن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

احتجاج ڪندڙ شاگردن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪيترن سالن کان سندن اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ آھي جنھن بابت ڪيترائي ڀيرا تعليم کاتي جي آفيسرن کي اطلاع ڪيو آھي پر ڪوبه ٻڌڻ لاءِ تيار ناھي.

ھنن چيو ته مجبور ٿي هو روڊن تي احتجاج لاءِ نڪتا آھن ڇو ته سندن تعليم متاثر ٿي رھي آھي، ڪيترن ئي شاگردن استاد نه ھئڻ ڪري اسڪول اچڻ بند ڪيو آھي.

سندن چوڻ هو ته سندن مستقبل داءَ تي لڳل آھي جيڪڏھن استاد نه ڏنا ويا پوءِ اسڪولن کي تالا ھڻي تدريسي عمل بند ڪيو ويندو.

احتجاج ڪندڙ شاگردن تعليم کاتي واري وزير، سيڪريٽري تعليم ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ ختم ڪري تعليم متاثر ٿيڻ کان بچائي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو……..

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,170FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
17.5 ° C
17.5 °
17.5 °
11 %
2.6kmh
0 %
اڱارو
28 °
اربع
30 °
خميس
30 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون