- Advertisement -
ميرپور ماٿيلي ۾ شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ مختلف ڌرين پاران ايس ايس پي آفيس اڳيان لڳايل ڌرڻو ٻئي ڏينهن به جاري آهي.
شهيد صحافي جي امڙ پٺاڻي گڏاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ايس ايس پي گهوٽڪي جي آفيس ٻاهران لڳايل ڌرڻو ٻئين به جاري آهي جنهن سبب سنڌ ۽ پنجاب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ۽ گاڏين جون قطارون لڳل آهن.
ڌرڻي ۾ صحافين، سول سوسائٽي، سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شهرين جو وڏو انگ شريڪ آهي.
ڌرڻي ۾ شريڪ اڳواڻن جو چوڻ آهي ته پوليس شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي جو ڪيس خراب ڪرڻ چاهي ٿي جڏهن ته پوليس قاتل به ظاهر نٿي ڪري.
هنن چيو ته پوليس جيڪڏهن شهيد صحافي جي قتل ۾ ملوث ڪو جوابدار گرفتار ڪيو آهي ته کيس منظر عام تي آندو وڃي.
سندن چوڻ هو ته 18 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس هن وقت تائين شهيد نصرالله گڏاڻي جا قاتل گرفتار ناهي سگهي، جيڪا سراسر ناانصافي آهي.
احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جلد شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قاتلن کي گرفتار ڪري انجام تائين پهچايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.- Advertisement -
