ميرپور ماٿيلي ۾ مولوي طرفان نينگر سان بدفعلي وارو معاملو سنڌ ٽي وي نيوز جي پروگرام هاٽ اشو ۾ اٿارڻ جو ڊي آءِ جي سکر نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او قابل ڀيو کي معطل ۽ رورٽ ڪندي سندس جاءِ تي ربنواز راڄپر کي نئون ايس ايڇ او مقرر ڪري ڇڏيو جڏهن ته متاثر نينگر ٽن کان گم هئڻ سبب وارث پريشان آهن.
ميرپورماٿيلي ۾ مولوي پاران نينگر سان بدفعلي وارو معاملو سنڌ ٽي وي نيوز جي پروگرام ھاٽ اشو ۾ اٿارڻ جو ڊي آءِ سکر نوٽيس ورتو.
ڊي آءِ جي سکر نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او ميرپور ماٿيلو قابل ڀيو کي معطل ۽ رورٽ ڪري سندس جاءِ تي ربنواز راڄپر کي نئون ايس ايڇ او مقرر ڪري ڇڏيو.
ٽن ڏينھن کان متاثر نينگر جو ڪو به ڏس پتو ناهي ملي سگهيو.
نينگر جي والد عبدالله رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته نينگر ٽن ڏينھن گم آهي سندس ڪٿي به ڏس پتو ناھي مليو نه ئي گهر پهتو آھي.
گرفتار مولوي محمد عظيم سومرو ٽن ڏينھن جي رمانڊ تي پوليس جي حراست ۾ آھي جڏھن پوليس ٻي جوابدار کي گرفتار ناهي ڪري سگهي……..