تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ميزائلن جي ڪڙڪاٽن بعد ڇڪن ۽ چوڪن جي گونج ، پنڊي اسٽيڊيم جون رونقون بحال

- Advertisement -
پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ سبب معطل ٿيل پي ايس ايل 10 جون رهيل ميچون 9 ڏينهن جي وقفي کانپوءِ ٻيهر شروع ٿي رهيون آهن، اڄ راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پشاور زلمي جو مقابلو ڪراچي ڪنگز سان ٿيندو.تازي پوائنٽس ٽيبل مطابق ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز 13 پوائنٽن سان پهرين، جڏهن ته ڪراچي ڪنگز 10 پوائنٽن سان ٻي پوزيشن تي آهي. اسلام آباد يونائيٽيڊ، لاهور قلندرز ۽ پشاور زلمي جي وچ ۾ پلي آف تائين پهچڻ لاءِ سخت مقابلا ٿيندا،. ملتان سلطانز، جيڪا گذريل سال جي رنرز اپ هئي، پلي آف جي دوڙ مان ٻاهر ٿي چڪي آهي پلي آف مرحلو 21 مئي کان قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ شروع ٿيندو، جتي ڪواليفائر، ايليمينيٽر 1 ۽ 2 سميت فائنل ميچ به 25 مئي تي لاهور جي قذافي اسٽيڊئم ۾ ٿيندي.. هينئر تائين کيڏيل 26 ميچن بعد محمد رضوان 363 رنسن سان ٽاپ اسڪورر آهي، صاحبزادا فرحان 321 رنسن سان ٻئي ۽ فخر زمان 309 رنسن سان ٽئين نمبر تي آهي، بالنگ ۾ محمد عباس آفريدي ۽ جيسن هولڊر 8 ميچن ۾ 15،15 وڪيٽون وٺي اڳتي آهن. ابرار احمد ۽ حسن علي 14،14 وڪيٽن سان ٻئي نمبر تي آهن. پشاور زلمي جي محمد حارث 10 ڪيچن ۽ اسٽمپنگ سان سڀ کان اڳتي آهي، جڏهن ته ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جو رائلي روسو 11 ڪيچن سان ٽاپ فيلڊر آهي جنگبندي کانپوءِ ٻاهرين ڪرڪيٽرن جي ڳالھه ڪجي ته، ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز کي ڏکڻ آفريڪا جي رائلي روسو، نيوزيلينڊ جي فن ايلن، سري لنڪا جي دنش چنديمل ۽ اوشڪا فرنينڊو، ۽ افغانستان جي گلبدين نائب جوائن ڪيو آهي اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ٽيم ۾ اليڪس هيلز، رسي وين ڊر ڊوسن، بين ڊواريئس، ٽمال ملز ۽ جمي نيشم موجود هوندا ڪراچي ڪنگز جي لاءِ ڊيوڊ وارنر، محمد نبي، ٽم سائيفرٽ، جيمز وينس ۽ اسڪاٽلينڊ جي جارج منسي کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي جنهن تماشائين 8، 9 ۽ 10 مئي جا ٽڪيٽ خريد ڪيا هئا، اهي ساڳيا ٽڪيٽ هاڻي 17، 18 ۽ 19 مئي تي کڻي اچي سگھن ٿا. خاص طور تي، 9 مئي لاءِ جاري ڪيل ٽڪيٽ 18 مئي جي ٻنهي ميچن لاءِ قابلِ استعمال هوندي.   https://www.facebook.com/watch/?v=670018149280275
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
17.8 ° C
17.8 °
17.8 °
16 %
2.6kmh
100 %
جمعو
17 °
ڇنڇر
26 °
آچر
24 °
سُومر
25 °
اڱارو
23 °

تازه ترين خبرون