تازه ترين

ميزائلن جي ڪڙڪاٽن بعد ڇڪن ۽ چوڪن جي گونج ، پنڊي اسٽيڊيم جون رونقون بحال

پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ سبب معطل ٿيل پي ايس ايل 10 جون رهيل ميچون 9 ڏينهن جي وقفي کانپوءِ ٻيهر شروع ٿي رهيون آهن، اڄ راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پشاور زلمي جو مقابلو ڪراچي ڪنگز سان ٿيندو.تازي پوائنٽس ٽيبل مطابق ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز 13 پوائنٽن سان پهرين، جڏهن ته ڪراچي ڪنگز 10 پوائنٽن سان ٻي پوزيشن تي آهي. اسلام آباد يونائيٽيڊ، لاهور قلندرز ۽ پشاور زلمي جي وچ ۾ پلي آف تائين پهچڻ لاءِ سخت مقابلا ٿيندا،.
ملتان سلطانز، جيڪا گذريل سال جي رنرز اپ هئي، پلي آف جي دوڙ مان ٻاهر ٿي چڪي آهي
پلي آف مرحلو 21 مئي کان قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ شروع ٿيندو، جتي ڪواليفائر، ايليمينيٽر 1 ۽ 2 سميت فائنل ميچ به 25 مئي تي لاهور جي قذافي اسٽيڊئم ۾ ٿيندي..

هينئر تائين کيڏيل 26 ميچن بعد محمد رضوان 363 رنسن سان ٽاپ اسڪورر آهي، صاحبزادا فرحان 321 رنسن سان ٻئي ۽ فخر زمان 309 رنسن سان ٽئين نمبر تي آهي،
بالنگ ۾ محمد عباس آفريدي ۽ جيسن هولڊر 8 ميچن ۾ 15،15 وڪيٽون وٺي اڳتي آهن. ابرار احمد ۽ حسن علي 14،14 وڪيٽن سان ٻئي نمبر تي آهن.
پشاور زلمي جي محمد حارث 10 ڪيچن ۽ اسٽمپنگ سان سڀ کان اڳتي آهي، جڏهن ته ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جو رائلي روسو 11 ڪيچن سان ٽاپ فيلڊر آهي
جنگبندي کانپوءِ ٻاهرين ڪرڪيٽرن جي ڳالھه ڪجي ته،
ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز کي ڏکڻ آفريڪا جي رائلي روسو، نيوزيلينڊ جي فن ايلن، سري لنڪا جي دنش چنديمل ۽ اوشڪا فرنينڊو، ۽ افغانستان جي گلبدين نائب جوائن ڪيو آهي
اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ٽيم ۾ اليڪس هيلز، رسي وين ڊر ڊوسن، بين ڊواريئس، ٽمال ملز ۽ جمي نيشم موجود هوندا
ڪراچي ڪنگز جي لاءِ ڊيوڊ وارنر، محمد نبي، ٽم سائيفرٽ، جيمز وينس ۽ اسڪاٽلينڊ جي جارج منسي کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي
جنهن تماشائين 8، 9 ۽ 10 مئي جا ٽڪيٽ خريد ڪيا هئا، اهي ساڳيا ٽڪيٽ هاڻي 17، 18 ۽ 19 مئي تي کڻي اچي سگھن ٿا. خاص طور تي، 9 مئي لاءِ جاري ڪيل ٽڪيٽ 18 مئي جي ٻنهي ميچن لاءِ قابلِ استعمال هوندي.

 

https://www.facebook.com/watch/?v=670018149280275

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
clear sky
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
25 %
1.6kmh
0 %
آچر
31 °
سُومر
31 °
اڱارو
34 °
اربع
37 °
خميس
37 °

تازه ترين خبرون