مٽياري ۾ سي آءِ اي پوليس مختلف هنڌن تي ڪارروايون ڪري 60 ليٽر ڪچو شراب هٿ ڪري 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.
سي آءِ اي پوليس سيکاٽ ٿاڻي ۽ اولڊ هالا جي حد ۾ الڳ الڳ ڪارروايون ڪري محمد رمضان پٽ احمد ماڇي کي گرفتار ڪري 20 ليٽر ڪچو شراب هٿ ڪيو.
ٻئي طرف پوليس دارالشفاءَ اسپتال ويجهو شهزاد پٽ عنايت علي کي گرفتار ڪري 30 ليٽر شراب هٿ ڪيو، جڏهن ته هالا مان صدام حسين پٽ قمر الدين راهو کي گرفتار ڪري 10 ليٽر ڪچو شراب هٿ ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو.