تازه ترين

مٽياري ۾ قومي شاهراهه تي مسافر ڪوچ ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ معصوم ٻار سميت 5 ڄڻا فوت

مٽياري ۾ قومي شاهراهه تي مسافر ڪوچ ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ معصوم ٻار سميت 5 ڄڻا فوت ٿي وياو جڏهن ته 15 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿي ويا.

قومي شاھراھ تي علي پور پنجاب کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ جو ٽرالر سان ٽڪر ٿي پيو.

حادثي جي نتيجي ۾ ڪوچ ڊرائيور، ڪلينر ۽ معصوم ٻالڪ فوت ۽ 15 مسافر زخمي ٿي پيا آهن.

فوتين جا مڙهه ۽ زخمين کي سول اسپتال حيدرآباد ۽ مٽياري اسپتال منتقل ڪيو ويو.

فوتين ۾ ڊرائيور ملڪ يوسف، مير هادي، ڪاشف، ام حسيبه شامل آهن جڏهن ته شهزاد، محمود حسن، اجمل، محمد راشد ۽ ٻيا زخمين ٿي پيا.

پوليس موجب ڪوچ پنجاب کان ڪراچي وڃي رهي هئي ته سيکاٽ ٿاڻي جي حد ۾ بائوديرو وٽ قومي شاھراھ تي روڊ حادثو پيش آيو آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
110,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
33.1 ° C
33.1 °
33.1 °
12 %
5.4kmh
2 %
خميس
35 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
33 °
آچر
35 °
سُومر
36 °

تازه ترين خبرون