مڪه مڪرمه ۾ خانه ڪعبه ۾ غسل ڏيڻ واري روح پرور تقريب ٿي جيڪا ڪيترائي ڪلاڪ جاري رهي.
عرب ميڊيا موجب، ڪليد بردار الشيخ ڊاڪٽر صالح آل زين خانه ڪعبه جو دروازو کوليو ۽ مڪه مڪرمه جي نائب گورنر شهزاده بدر بن سلطان خانه ڪعبه جي اندرين حصي کي غسل ڏنو.
عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته غسل ڪعبه ۾ 20 لٽر آب زمزم ۽ عرق گلاب استعمال ڪيو ويو جڏهن ته ان موقعي تي بيت الله جي اندرين ڀيتن ۽ فرش کي صاف ڪيو ويو.
عرب ميڊيا موجب، غسل بعد خانه ڪعبه کي عود، عرق گلاب ۽ بخور جي خوشبوئن سان معطر ڪيو ويو.
عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته غسل ڪعبه جي تقريب ۾ او آءِ سي سربراهه ۽ اعليٰ سول اختيارين شرڪت ڪئي.
خانه ڪعبه کي هر نئين هجري سال جي 15 تاريخ تي غسل ڏنو ويندو آهي.