مڪي شريف ۾ هلندڙ حج سيزن دوران هيٽ ويو سبب فوت ٿيل حاجين جو انگ 922 ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، حج سيزن دوران سخت گرمي سبب فوت ٿيلن حاجي سڳورن جو انگ 922 تائين پهچي ويو آهي.
عرب سفارتڪار جو چوڻ آهي ته فوتي حاجين مان گھٽ ۾ گھٽ 600 جو تعلق مصر سان آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، ٻين حاجين جو تعلق اردن، انڊونيشيا، ايران، سينيگال، تيونس ۽ عراق سان آهي، اڃا تائين اهو واضح ناهي ڪيو ويو ته انهن ملڪن جي حاجين جو موت هيٽ ويو سان ٿيو آهي يا نه، اردن جي گم ٿيل 20 حاجين جي ڳولا به جاري آهي.
سعودي اختيارين جو چوڻ آهي ته سخت گرميءَ سبب بيمار 2 هزار حاجي مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، هن سال 18 لک ماڻهن حج ادا ڪيو، حج دوران گرمي پد 51 ڏهائي 8 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو هو.