تازه ترين

نئين مالي سال 25-2024ع لاءِ وفاقي بجيٽ پيش ڪئي وئي آهي، سرڪاري  ملازمن جي پگهار ۾ 25 کان 22 سيڪڙو ۽ رٽائرڊ ملازمن جي  پينشن ۾ 22 سيڪڙو اضافو

نئين مالي سال 25-2024ع لاءِ وفاقي بجيٽ پيش ڪئي وئي آهي، سرڪاري  ملازمن جي پگهار ۾ 25 کان 22 سيڪڙو ۽ رٽائرڊ ملازمن جي  پينشن ۾ 22 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي، پورهيت جو گهٽ ۾ گهٽ اجورو 36 هزار رپيا مقرر ڪيو ويندو، سيلز ٽيڪس، انڪم ٽيڪس ۽ ڪسٽم ڊيوٽي جي مد ۾ ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪئي وئي آهي، جنهن ڪري سگريٽ، سيمينٽ، اسٽيل، ڪاغذ، موبائل فون، ٽيڪسٽائل، هائبرڊ ۽ لگزري اليڪٽرڪ گاڏيون ۽  چمڙي جون برانڊيڊ شيون مهانگيون ٿي ويو آهن، بي آءِ ايس پي جي رقم 27 سيڪڙو وڌائي 593 ارب رپيا ڪئي ويندي، پروگرام مان فائدو حاصل ڪندڙن جو انگ 10 ملين ڪيو ويندو.

قومي اسيمبليءَ جو بجيٽ اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب نئين مالي سال 25-2024ع لاءِ 18 هزار 900 ارب رپين جي ڪاٿي جي بجيٽ پيش ڪئي.

محمد اورنگزيب جي بجيٽ پيش ڪرڻ دوران سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبرن احتجاج ڪندي هل هنگامو ڪيو.

بجيٽ پيش ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته مهانگائي سبب ماڻهن جي خريداريءَ جي سگهه متاثر ٿي، جنهن سبب پگهاردار  طبقو سخت متاثر ٿيو آهي، ان کي نظر ۾ رکندي حڪومت مالي ڏکيائين باوجود رليف جا قدم کنيا آهن.

هن چيو ته گريڊ هڪ کان سورهن گريڊ جي ملازمن  جي پگهار ۾ 25 اضافو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سترهين کان 22هين گريڊ جي ملازمن جي پگهار ۾ 22 سيڪڙو اضافو ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته رٽائرڊ ملازمن جي  پيشن ۾ 15 سيڪڙو اضافو ڪيو ويندو، جڏهن ته پورهيت جو گهٽ ۾ گهٽ اجورو 32 هزار کان وڌائي 37 هزار رپيا ڪئي ويندي.

ناڻي واري وزير چيو ته شهبازشريف ٻيو ڀيرو جڏهن صحافين ۽ ميڊيا ورڪرن جي هيلٿ انشورنس جي بحاليءَ جو حڪم ڏنو، هو صحافين کي اسڪيم جي بحاليءَ جي خوشخبري ٻڌائي ٿو.

هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ سڄي ملڪ جي 5 هزار صحافين ۽ ميڊيا ورڪرن جي هيلٿ انشورنس ٿيندي ٻئي مرحلي ۾ 10 هزار صحافين کي صحت جو بنيادي حق فراهم ڪيو ويندو.

حڪومت پينشن اسڪيم ۾ سڌارن آڻڻ ۽ نون ملازمن لاءِ نئين پينشن اسڪيم  ۽  پينشن فنڊ به قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو.

وفاقي حڪومت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي رقم ۾ 27 سيڪڙو اضافو ڪندي 593 ارب رپيا رکيا آهن.

محمد اورنگزيب چيو ته انڪم ٽيڪس ڇوٽ جي حد 6 لکن تائين برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، غير پگهاردار طبقي جي وڌ ۾ وڌ ٽيڪس شرح 45 سيڪڙو هوندي.

ناڻي واري وزير چيو ته سيلز ٽيڪس، انڪم ٽيڪس ۽ ڪسٽم ڊيوٽي جي مد ۾ ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪئي وئي آهي، جنهن ڪري سگريٽ، سيمينٽ، اسٽيل، ڪاغذ، موبائل فون، ٽيڪسٽائل، هائبرڊ ۽ لگزري اليڪٽرڪ گاڏيون ۽  چمڙي جون برانڊيڊ شيون مهانگيون ٿي ويو آهن، جڏهن ته جعلي سگريٽ وڪرو ڪرڻ تي سزا ڏني ويندي.

محمد اورنگزيب چيو ته بجيٽ ۾ مهانگائيءَ جو حدف 12 سيڪڙو ۽ معاشي ترقيءَ جو حدف 3  ڏهائي 6 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو  آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
112,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
22.7 ° C
22.7 °
22.7 °
55 %
0.6kmh
20 %
آچر
29 °
سُومر
31 °
اڱارو
33 °
اربع
35 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون