- Advertisement -
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان نيويارڪ ۾ ملاقات ڪئي آهي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته نائب وزيراعظم اسحاق ڊار امن، سلامتي، ترقي ۽ ماحولياتي تبديلي سميت عالمي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل قومن جي مرڪزي ڪردار ۽ ان لاءِ پاڪستان طرفان ڀرپور حمايت جو روجاءُ ڪيو.
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل 26-2025ع جي هڪ غير مستقل ميمبر جي حيثيت ۾ عالمي امن ۽ سلامتي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پاڪستان جي عزم کي اجاگر ڪيو.
اسحاق ڊار سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن موجب ڪشمير مسئلو حل ڪرڻ تي زور ڀريو.
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار فلسطيني عوام خلاف اسرائيل جي ظلمن جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان فلسطين مسئلو ٻه رياستي حل جي حمايت ڪري ٿو.
اسحاق ڊار افغان سرحد کان ٿيندڙ دهشتگردي کي به اجاگر ڪيو ۽ چيو ته گڏيل قومن هن معاملي تي پنهنجو ڪردار ادا ڪن.
ان موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريس پاڪستان جي عالمي اداري ۾ فعال شموليت ۽ عالمي امن سلامتي لاءِ امن مشن ۾ پاڪستان جي ڪردار جي تعريف ڪئي ۽ ٿورا مڃيا.- Advertisement -
