نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جو ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان ٽيليفون تي رابطو

- Advertisement -
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جو ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان ٽيليفون تي رابطو ٿيو آهي. پرڏيهي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته نائب وزيراعطم اسحاق ڊار ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقي سان گذريل رات ٽيليفون تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، جنهن ۾ خطي جي گڏيل صورتحال، جاري ڇڪتاڻ ۽ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ هو ته اسحاق ڊار خطي ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي ۽ ڌرين وچ ۾ ڳالهين کي هٿي ڏيڻ لاءِ پنهنجي جاري سفارتي ڪاوشن کان آگاهه ڪيو. جڏهن ته ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي پاڪستان جي تعميري ڪردار ۽ مخلصاڻي ٽياڪڙي جي ڪوششن جي ساراهه ڪئي. ملاقات ۾ اسحاق ڊار ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته مسئلن جو پائيدار حل صرف ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي ئي ممڪن آهي. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته پاڪستان خطي ۾ جٽادار امن، استحڪام ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ هو ته ڳالهين ۾ علاقائي امن ۽ استحڪام لاءِ گڏيل ڪاوشون جاري رکڻ جو عزم ظاهر ڪيو ويو ۽ سفارتي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو…..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
15.8 ° C
15.8 °
15.8 °
36%
2.3m/s
0%
اڱارو
16 °
اربع
23 °
خميس
24 °
جمعو
24 °
ڇنڇر
24 °

تازه ترين خبرون