تازه ترين

نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جو ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان ٽيليفون تي رابطو

- Advertisement -
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جو ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان ٽيليفون تي رابطو ٿيو آهي. پرڏيهي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته نائب وزيراعطم اسحاق ڊار ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقي سان گذريل رات ٽيليفون تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، جنهن ۾ خطي جي گڏيل صورتحال، جاري ڇڪتاڻ ۽ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ هو ته اسحاق ڊار خطي ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي ۽ ڌرين وچ ۾ ڳالهين کي هٿي ڏيڻ لاءِ پنهنجي جاري سفارتي ڪاوشن کان آگاهه ڪيو. جڏهن ته ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي پاڪستان جي تعميري ڪردار ۽ مخلصاڻي ٽياڪڙي جي ڪوششن جي ساراهه ڪئي. ملاقات ۾ اسحاق ڊار ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته مسئلن جو پائيدار حل صرف ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي ئي ممڪن آهي. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته پاڪستان خطي ۾ جٽادار امن، استحڪام ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ هو ته ڳالهين ۾ علاقائي امن ۽ استحڪام لاءِ گڏيل ڪاوشون جاري رکڻ جو عزم ظاهر ڪيو ويو ۽ سفارتي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو…..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.9 ° C
28.9 °
28.9 °
19 %
2.9kmh
0 %
آچر
33 °
سُومر
35 °
اڱارو
34 °
اربع
35 °
خميس
34 °

تازه ترين خبرون