- Advertisement -
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ناڪاري پروپيگنڊا کي نظرانداز ڪري ملڪ کي مضبوط ڪرڻو آهي.
ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ منعقد ٿيل تقريب ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ اليڪٽر موٽرسائيڪل ڪمپني جو افتتاح ڪيو، مختلف ملڪن جا سفارتڪار به تقريب ۾ موجود هئا.
تقريب کي خطاب ڪندي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هو اي ٽربو ڪمپني کي اي-بائيڪ لانچ ڪرڻ تي مبارڪ پيش ڪري ٿو.
هن چيو ته سندس خواهش آهي ته اي ٽربو موٽرسائيڪل سمورن ملڪن کي ايڪسپورٽ ڪري، هنن سنڌ ۾ اي وي بسون شروع ڪيون آهن، هاڻي سندن هدف آهي ته جلد کان جلد اي وي ٽيڪسيون به شروع ڪن.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هنن چيني ٽرانسپورٽ ڪمپني کي درخواست ڪئي آهي ته سندن ملڪ ۾ اي وي بسون ٺاهي.
هن چيو ته هن وقت فيول جو مسئلو آهي، اليڪٽريڪل شيون ملڪ ۽ ماحول لاءِ بهتر آهن، ان سان پيٽرول ۽ ڊيزل جي جي به بچت ٿيندي ۽ ماحول به محفوظ رهندو، گرين انرجي لاءِ سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته کين ناڪاري پروپيگنڊا کي نظرانداز ڪري ملڪ کي مضبوط ڪرڻو پوندو، اهي سڀ گڏجي ملڪ کي اڳتي وٺي وڃي سگهن ٿا، جلد ملڪ مان اي وي موٽرسائيڪلون برآمد ٿيڻ شروع ٿي وينديون.
شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته شنگهائي ڪانفرنس ملڪ لاءِ سٺو سنوڻ آهي، اهڙن موقعن سان سفارتي رستا کلندا آهن.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پي ٽي آءِ قيادت احتجاج جو سڏ واپس وٺي ميچورٽي جو مظاهرو ڪيو کين مبارڪ ڏيان ٿو، هنن ملڪ جي صورتحال کي سمجهيو ۽ احتجاج جو سڏ واپس ورتو
- Advertisement -
