تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ناڪاري پروپيگنڊا کي نظرانداز ڪري ملڪ کي مضبوط ڪرڻو آهي: شرجيل انعام ميمڻ

- Advertisement -
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ناڪاري پروپيگنڊا کي نظرانداز ڪري ملڪ کي مضبوط ڪرڻو آهي. ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ منعقد ٿيل تقريب ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ اليڪٽر موٽرسائيڪل ڪمپني جو افتتاح ڪيو، مختلف ملڪن جا سفارتڪار به تقريب ۾ موجود هئا. تقريب کي خطاب ڪندي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هو اي ٽربو ڪمپني کي اي-بائيڪ لانچ ڪرڻ تي مبارڪ پيش ڪري ٿو. هن چيو ته سندس خواهش آهي ته اي ٽربو موٽرسائيڪل سمورن ملڪن کي ايڪسپورٽ ڪري، هنن سنڌ ۾ اي وي بسون شروع ڪيون آهن، هاڻي سندن هدف آهي ته جلد کان جلد اي وي ٽيڪسيون به شروع ڪن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هنن چيني ٽرانسپورٽ ڪمپني کي درخواست ڪئي آهي ته سندن ملڪ ۾ اي وي بسون ٺاهي. هن چيو ته هن وقت فيول جو مسئلو آهي، اليڪٽريڪل شيون ملڪ ۽ ماحول لاءِ بهتر آهن، ان سان پيٽرول ۽ ڊيزل جي جي به بچت ٿيندي ۽ ماحول به محفوظ رهندو، گرين انرجي لاءِ سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته کين ناڪاري پروپيگنڊا کي نظرانداز ڪري ملڪ کي مضبوط ڪرڻو پوندو، اهي سڀ گڏجي ملڪ کي اڳتي وٺي وڃي سگهن ٿا، جلد ملڪ مان اي وي موٽرسائيڪلون برآمد ٿيڻ شروع ٿي وينديون. شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته شنگهائي ڪانفرنس ملڪ لاءِ سٺو سنوڻ آهي، اهڙن موقعن سان سفارتي رستا کلندا آهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پي ٽي آءِ قيادت احتجاج جو سڏ واپس وٺي ميچورٽي جو مظاهرو ڪيو کين مبارڪ ڏيان ٿو، هنن ملڪ جي صورتحال کي سمجهيو ۽ احتجاج جو سڏ واپس ورتو  
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
19.4 ° C
19.4 °
19.4 °
41 %
1.8kmh
99 %
آچر
19 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون