ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب فنانس بل 2024ع ۽ بجيٽ دستاويز سينيٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيو، جنهن دوران مخالف ڌر طرفان سخت احتجاج ڪيو ويو.
سينيٽ جو اجلاس چيئرمين يوسف رضا گيلانيءَ جي صدارت هيٺ ٿيو ته بجيٽ دستاويز جون ڪاپيون سمورن سينيٽ ميمبرن جي سيٽن تي رکيون ڪيون.
ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب فنانس بل 2024ع ۽ بجيٽ تفصيل سينيٽ ۾ پيش ڪيو، جنهن دوران مخالف طرفان احتجاج ڪيو ويو.
مخالف ڌر جي اڳواڻ شبلي فراز بجيٽ کي عوام دشمن قرار ڏيندي چيو ته بجيٽ ۾ وڏي ٽيڪس لڳائي وئي آهي، جنهن سبب عوام تي مهانگائي جو بار وڌندو.
هن چيو ته هيءَ عوام جي نمائندگي ڪندڙ حڪومت ناهي.
مخالف ڌر جي احتجاج سبب سينيٽ اجلاس صبح ساڍي يارهن وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو………