تازه ترين

نصيرآباد: عدالت آبپاشي عملدارن کي پاڻيءَ جي گيج ليول ساڍا 10 فوٽ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

نصير آباد جي عدالت، آرٿر واھ ۾ پاڻي جي گيج ليول ساڍا 10 فوٽ ڪري 19 آگسٽ تي رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

 ڪورٽ ۾ آبپاشي کاتي جا ٻه اسسٽنٽ انجنيئر سڪندر مڪول، عبدالرسول جوڻيجو ۽ ٻيا پيش ٿيا، جن رپورٽ جمع ڪرائي ته نصيرآباد تعلقي جي آرٿر واھ ۾ 10 فوٽ گيج ليول تي پاڻي ھلي رھيو آھي.

 آبادگارن جي وڪيل پنھنجا دليل ڏنا ۽ عدالت کي ٻڌايو ته آبپاشي کاتي وارن ڪالھه دير سان پاڻي جي گيج ليول 10 فوٽ ڪئي آهي، جيڪا ناڪافي آهي جنھن ۾ وڌيڪ اڌ فوٽ جو اضافو ڪيو وڃي. عدالت آبپاشي کاتي جي عملدارن کي حڪم ڏنو ته پاڻيءَ جي گيج ليول ساڍا 10 فوٽ ڪري ايندڙ حاضري تي رپورٽ جمع ڪرائي وڃي، جنھن بعد 19 آگسٽ تائين ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي….

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
118,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
16.1 ° C
16.1 °
16.1 °
33 %
2.6kmh
0 %
اڱارو
26 °
اربع
27 °
خميس
26 °
جمعو
27 °
ڇنڇر
24 °

تازه ترين خبرون