نندي ۾ ملڪيت جي تڪرار تان ڀائٽي پنهنجي هڪ چاچي کي قتل، هڪ چاچي ۽ سئوٽ کي زخمي ڪرڻ بعد ٿاڻي تي پهچي گرفتاري پيش ڪري ڇڏي.
جوابدار سڪندر ميمڻ ملڪيت جي تڪرار تان ڊاڪٽر عابد علي ميمڻ جي اسپتال ۾ فائرنگ ڪئي.
فائرنگ جي نتيجي ۾ ڊاڪٽر عابد علي ميمڻ، سندس ڀاءُ حيدر علي ميمڻ ۽ ڀائٽيو شهرباز ميمڻ زخمي ٿي پيا.
واقعي بعد زخمين کي رورل هيلٿ سينٽر پهچايو ويو جتان ڊاڪٽر عابد علي ميمڻ کي انڊس اسپتال بدين منتقل ڪيو ويو، جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪيو.
اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد ڊاڪٽر عابد علي ميمڻ جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.
زخمي ٿيل حيدر علي ميمڻ ۽ سندس ڀائٽي شهرباز ميمڻ جو علاج هلندڙ آهي.
واقعي بعد جوابدار سڪندر علي ميمڻ نندو ٿاڻي تي پهچي گرفتاري پيش ڪئي.