ننڍي عمر ۽ جبري شاديون ٻارن جي بنيادي حقن ۽ برابري موقعن جي ڀڃڪڙي آهن : بلاول ڀٽو زرداري

spot_img
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ننڍي عمر ۽ جبري شاديون ٻارن جي بنيادي حقن ۽ برابري موقعن جي ڀڃڪڙي آهن، ننڍي عمر جي شادين جي خاتمي لاءِ قومي سطح تي اثرائتا قدم اڻٽر آهن، ٻارن جو ننڍپڻ، تعليم ۽ مستقبل، غربت ۽ سماجي دٻاءَ جي وَرِ نه چڙهڻ گهرجي. ننڍي عمر ۽ وقت کان اڳ شادين جي خاتمي واري عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾  بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلزپارٽي هميشه ٻارن خاص طور نياڻين جي حقن، تعليم ۽ خودمختياري جي تحفظ کي پنهنجي ترقي پسند سياست جو محور بڻايو آهي. سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ پ پ حڪومت 2013ع ۾ تاريخي قانون سازي ڪندي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ شادي جي گهٽ ۾ گهٽ عمر 18 سال مقرر ڪئي. پ پ چيئرمين چيو ته سنڌ چائلڊ ميرجز ريسٽرينٽ ايڪٽ 2013 تحت ننڍي عمر جي شادي کي ڀڃڪڙي ۽ سزا جوڳو ڏوهه قرار ڏنو ويو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ننڍي عمر جون شاديون روڪڻ لاءِ قانون تي عمل يقيني بڻائين.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19 ° C
19 °
19 °
13%
2.6m/s
0%
جمعو
18 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °
سُومر
17 °
اڱارو
17 °

تازه ترين خبرون