ننڍڙِي وي لاگر شيراز ويلاگنگ ڇو ڇڏي؟ سبب سامهون اچي ويا
سوشل ميڊيا تي انتهائي ننڍڙي عمر ۾ شهرت حاصل ڪندڙ ننڍو وي لاگر شيراز جي والد پنهنجي پٽ جي وي لاگنگ ڇڏڻ جي وجهه ٻڌائي ڇڏي
شيراز جي والد يوٽيب چينل تي ويڊيو بيان جاري ڪندي چيو ته ڪنهن جي لاءِ به ايتري شهرت کانپوءِ وي لاگنگ ڇڏڻ مشڪل آهي، پر منهنجي لاءِ هن جي شهرت ڪاميابي نه هئي، اسان جي ڪاميابي ان وقت ٿيندي جڏهن شيراز جي ڪري اسان جي ڳوٺ ۽ هتان جي ماڻهن کي فائدو پهچندو،
هن چيو ته مان مڃان ٿو شيراز کي تمام گهٽ عرصي ۾ شهرت ملي، پوري ملڪ شيراز کي گهڻو پسند ڪيو ۽ سڀئي شيراز جي وي لاگ ڏسڻ چاهين ٿا، پر شيراز جي وي لاگنگ ڇڏڻ جا ڪجهه سبب آهن،
شيراز جي والد چيو ته منهن جو پٽ ڳوٺ ۾ سڌو سئون ٻار هو، سڀن سان سٺي طريقي سان ملندو هو، محبت ڪندو هو ۽ ڳوٺ ۾ رهي ڪري وي لاگنگ ڪندو هو پر شهرت ملڻ جي ڪري هن ۾ تبديلي آئي، ان شهرت جي ڪري اسان معصوم شيراز کي وڃائي ويٺاسين، جيڪو سڀئين سان پيار ڪندو هو ۽ سڀئين جي عزت ڪندو هو ،
هن وڌيڪ چيو شهرت کانپوءِ شيراز ڳوٺ وارن سان سهي طريقي سان نه پيو ملي، جنهن جي ڪري هن کي ڪجه عرصي لاءِ وي لاگنگ کان پري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي،
ننڍي وي لاگر شيراز جي والد وڌيڪ چيو ته مان ۽ گهر وارا به ڪوشش ڪري رهيان آهيون ته اسان هن ڪجهه عرصي ۾ هن جي ان معصوميت کي واپس آڻيون،
هن وڌيڪ چيو ته وي لاگنگ ڇڏائيڻ جو ٻئي وجهه هن پرهائي هئي ڇو ته وي لاگنگ جي ڪري تعليم ڏي توجهه نه پيو ڏي،
ياد رهي ته گلگت بلتستان جي علائقي سياچن سان تعلق رکندڙ ننڍو وي لاگر شيراز جون ڪجهه مهينا پهريان ويڊيو وائرل ٿيون هيون،
هن وقت شيراز جي يوٽيب چينل تي 10 لک کان وڌيڪ سبسڪرائبر آهن