ننگرپارڪر ۾ تعليم کاتي جي پت وائکي ٿي وئي، اسڪول ۾ گڏهه مري ويل حالت ۾ پيل آهي، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.
ڳوٺ اوڙها مار جي منداري پاڙي جي پرائمري اسڪول ۾ مري ويل گڏهه جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.
ڳوٺاڻن محمد رفيق دل، الهڏني دل ۽ ٻين ٻڌايو ته پرائمري اسڪول فعال هجڻ باوجود مقرر استاد گذريل ٻن سالن کان ڊيوٽي تي نه پيا اچن، جنهن ڪري اسڪول جانورن جي واڙي ۾ تبديل ٿي ويو آهي.
ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي اسڪول ۾ مقرر استاد نور احمد ٿيٻو ٻڌايو ته سندس ڊيوٽي پوليو ٽيم سان گڏ آهي، جنهن ڪري هو اسڪول ناهي اچي سگهيو، ڳوٺاڻن طرفان لڳايل الزام بي بنياد آهن.
ٽي اي او اشفاق سوڍي جو چوڻ هو ته اسڪول ۾ شاگردن جي غيرحاضري سبب استادن کي عارضي طور ٻين اسڪولن ۾ رکيو ويو آهي.