ننگرپارڪر ۾ ڪارونجهر جي نيلامي خلاف ڪارونجهر سجاڳ فورم جي سڏ تي شهر ۾ شٽربند هڙتال ڪري احتجاجي مظاھرو ڌرڻو هنيو ويو.
ڪارونجهر سجاڳ فورم جي اڳواڻ الھرکيو کوسي، ليکڪ شاعر خليل ڪنڀار، جامي چانڊئي، حاجي ساند، رفعت عباسي، سيف سميجي ۽ ٻين ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي.
ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته پ پ حڪومت ڪارونجھر جي نيلامي ڪري مقامي ماڻهن جي جياپي جي ذريعي کي ختم ڪري چاھي ٿي.
هنن چيو ته ڪارونجهر لاءِ هو گذريل پنجن ورهين کان جدوجهد ڪندا پيا اچن، ھاڻي سڀني کي گڏجي جدوجهد ڪرڻي پوندي. اڳواڻن چيو ته ڪارونجهر کي بچائي ان کي عالمي ورثي ۾ شامل ڪرايو ويندو.