- Advertisement -
ننگرپارڪر ۾ گذريل رات ناياب نسل جي هرڻن جو شڪار ڪندڙ جوابدارن خلاف هن وقت تائين ڪا به ڪارروائي ناهي ٿي سگهي.
جهنگلي جيوت کاتي جي ملازم عثمان ڪنڀر پاران ناياب نسل جي هرڻ جو شڪار ڪندڙ ڌڻي بخش ڀيو کي پڪڙي پوليس حوالي ڪيو ويو، پر هن وقت تائين شڪاري خلاف ڪيس داخل ناهي ڪيو ويو.
ڳوٺاڻي سردار سنگهه ورڻ ٻڌايو ته پوليس پاران گرفتار ڪيل بااثرن خلاف ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي وئي ۽ شڪارين جي گاڏي به ڇڏي وئي آهي.
ڳوٺاڻن چتاءُ ڏنو ته شڪارين تي ڪيس داخل نه ڪيو ويو ته سخت احتجاج ڪيو ويندو.- Advertisement -
