تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ننگر پارڪر جي ٻن ڳوٺن ۾ ٻن نارين جا ڌار ڌار ڦاهو کاڌل لاش هٿ آيا

- Advertisement -
ننگر پارڪر جي ٻن ڳوٺن ۾ ٻن نارين جا ڌار ڌار ڦاهو کاڌل لاش هٿ آيا آهن، وارثن طرفان ٻنهي واقعن کي آپگهات قرار ڏنو ويو اهي. ڳوٺ هيرار ڏيٿا ۾ 25 سالن جي شادي شده حرمي ميگهواڙ جو ڪکائين چونئري مان ڦاهو کاڌل لاش هٿ آيو. ڳوٺ ڪوئيا ۾ 45 سالن جي مروان زال تاراچند ڪولهي جو ڦاهو کاڌل لاش هٿ آيو آهي. ڌار ڌار ٿاڻن جي پوليس جو چوڻ آهي اطلاع تي پهچي  نارين جا ڦاهو کاڌل لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن. پوليس موجب وارثن جو چوڻ آهي ته نارين دماغي ناچاڪيءَ سبب آپگهات ڪيو آهي، وڌيڪ پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کانپوءِ معاملي جو اصل ڪارڻ معلوم ٿيندو. ساڃهه وندن طرفان ننگرپارڪر ۾ وڌندڙ آپگهات جي واقعن جي حقيقت سامهون نه اچڻ سبب آپگهات جا واقعا ڏينهن ڏينهن وڌي رهيا آهن. سندن چوڻ آهي ته ننگرپارڪر ۾ هلندڙ سال 9 مهينن دوران 29 ڄڻن مبينا طور آپگهات ڪيو آهي، جنهن جو اصل ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي. هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته جاچ ڪميٽي جوڙي ننگرپارڪر ۾ آپگهات جي وڌندڙ واقعن جو ڪارڻ معلوم ڪري ۽ انهن کي روڪڻ لاءِ اپاءَ ورتا وڃن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
17.8 ° C
17.8 °
17.8 °
16 %
2.6kmh
100 %
جمعو
17 °
ڇنڇر
26 °
آچر
24 °
سُومر
25 °
اڱارو
23 °

تازه ترين خبرون