تازه ترين
حڪمران پنهنجي مرضي شروع ڪري ڇڏين ته نظام ڊهي پوندو آهي:بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه يونيورسٽين بابت قانونسازي واپس نه وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو قومي اسيمبليءَ سوشل ميڊيا قانون سخت ڪرڻ بابت پيڪا ايڪٽ ترميمي بل  اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو ڳالهيون ختم ڪرڻ جو اعلان افسوس ناڪ آهي، ڳالهين جو اهو عمل پي ٽي آءِ جي اڳڀرائي تي هو:عرفان صديقي پيڪا ايڪٽ ۾ ترميم سوشل ميڊيا لاءِ آهي ۽ ان سان صحافين کي تحفظ ملندو:عطا تارڙ سڪيورٽي فورسز پاڪ افغان سرحد تي دهشتگردن جي مداخلت جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي ڇهن دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ... سپريم ڪورٽ  بئنچن جي اختيارن جي ڪيس ۾ ايڊيشنل رجسٽرار سپريم ڪورٽ خلاف توهين عدالت ڪيس ۾ فيصلو محفوظ ... شرجيل انعام ميمڻ وڏي وزير جي تبديلي بابت افواهن کي رد ڪري ڇڏيو تحريڪ انصاف دور ۾ مسلم ليگ نون جي قيادت کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو:عطا تارڙ تحريڪ انصاف حڪومت سان ڳالهيون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ننگر پارڪر جي ٻن ڳوٺن ۾ ٻن نارين جا ڌار ڌار ڦاهو کاڌل لاش هٿ آيا

ننگر پارڪر جي ٻن ڳوٺن ۾ ٻن نارين جا ڌار ڌار ڦاهو کاڌل لاش هٿ آيا آهن، وارثن طرفان ٻنهي واقعن کي آپگهات قرار ڏنو ويو اهي.

ڳوٺ هيرار ڏيٿا ۾ 25 سالن جي شادي شده حرمي ميگهواڙ جو ڪکائين چونئري مان ڦاهو کاڌل لاش هٿ آيو.

ڳوٺ ڪوئيا ۾ 45 سالن جي مروان زال تاراچند ڪولهي جو ڦاهو کاڌل لاش هٿ آيو آهي.

ڌار ڌار ٿاڻن جي پوليس جو چوڻ آهي اطلاع تي پهچي  نارين جا ڦاهو کاڌل لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن.

پوليس موجب وارثن جو چوڻ آهي ته نارين دماغي ناچاڪيءَ سبب آپگهات ڪيو آهي، وڌيڪ پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کانپوءِ معاملي جو اصل ڪارڻ معلوم ٿيندو.

ساڃهه وندن طرفان ننگرپارڪر ۾ وڌندڙ آپگهات جي واقعن جي حقيقت سامهون نه اچڻ سبب آپگهات جا واقعا ڏينهن ڏينهن وڌي رهيا آهن.

سندن چوڻ آهي ته ننگرپارڪر ۾ هلندڙ سال 9 مهينن دوران 29 ڄڻن مبينا طور آپگهات ڪيو آهي، جنهن جو اصل ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي.

هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته جاچ ڪميٽي جوڙي ننگرپارڪر ۾ آپگهات جي وڌندڙ واقعن جو ڪارڻ معلوم ڪري ۽ انهن کي روڪڻ لاءِ اپاءَ ورتا وڃن.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
122,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
7.1 ° C
7.1 °
7.1 °
24 %
0.8kmh
0 %
خميس
6 °
جمعو
12 °
ڇنڇر
14 °
آچر
16 °
سُومر
17 °

تازه ترين خبرون