تازه ترين

ننگر پارڪر: مختلف علائقن ۾ ناياب نسل جي پکين جو شڪار جاري

ننگرپارڪر جي مختلف علائقن ۾ ٻاهرين ملڪن کان آيل ناياب نسل جي پکين جو شڪار جاري آهي، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته اطلاع باوجود جهنگلي جيوت کاتي پاران شڪارين خلاف ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي.

ڳوٺ ٻانڀڻ ٽوڀو جي رڻ، ڪنڌي واري علائقي ۾ هُنج پکين جو شڪار جاري آهي.

علائقي واسين جو چوڻ آهي ته  شڪاري رڻ ڪنڌي جي علائقن ۾ سيلاني پکين کي سري عام  گولين جو جو کاڄ بڻائي رهيا آهن.

هنن چيو ته اطلاع ڏيڻ باوجود جهنگلي جيوت کاتي جي عملدارن شڪارين خلاف ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي.

علائقي واسين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته ناياب نسل جي پکين کي بچائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
109,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
23 ° C
23 °
23 °
18 %
1.8kmh
0 %
ڇنڇر
31 °
آچر
32 °
سُومر
33 °
اڱارو
34 °
اربع
33 °

تازه ترين خبرون