نوابشاهه ۾ تعليم کاتي شهيد بينظير آباد طرفان پڙهندي سنڌ ته وڌندي سنڌ جي عنوان سان ريلي ڪڍي وئي.
ڊي اي او سليم ڀٽي، محمد سالم زرداري، نبي بخش چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ايڇ ايم خواجا هاءِ اسڪول کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي.
ريلي ۾ تعليم کاتي جي آفيسرن، استادن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ريلي جو مقصد سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ ٻارن جي داخلا کي يقيني بڻائڻ آهي.
هنن چيو ته ڪيترائي ٻار جيڪي والدين جي بي ڌياني ۽ جبري پورهئي سبب اسڪولن کان ٻاھر آھن سندن ڪوشش آھي ته کين سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ڪرائن.
سندن چوڻ هو ته سنڌ حڪومت ۽ تعليم کاتي پاران سرڪاري اسڪولن ۾ پڙھائي مفت ڪئي وئي آھي ۽ هو چاھن ٿا ته سنڌ جو ھر ٻار تعليم يافته ھجي ڇو ته پڙھندي سنڌ ته وڌندي سنڌ.
اڳواڻن چيو ته تعليم بنيادي حق آهي، تعليم ذريعي ئي قومن جون تقديرون تبديل ٿينديون آهن، تعليم جي عروج سان ئي اڄ سڌريل ملڪ دنيا جي نقشي تي حڪمراني ڪندي نظر اچن ٿا……
