تازه ترين

نوابشاهه زرداري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، ٻن عورتن سميت 3 ڄڻا قتل

نوابشاهه ويجهو ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران قتل ٿيل ٻن عورتن سميت ٽن ڄڻن جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ وارثن پاران لاش روڊ تي رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

تعلقي ٿاڻي جي حد ڳوٺ باغ خان زرداري ۾ زرداري برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو.

فائرنگ جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب شريفه بي بي، سانيه بي بي ۽ دادلو زرداري مارجي ويا.

اطلاع ملڻ بعد حد جي پوليس پهچي مارجي ويلن جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال پهچايا جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا.

وارثن پاران ٻن عورتن سميت ٽن ڄڻن جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ لاش روڊ تي رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سندن سڱاوتي تڪرار هلندڙ هو، هو پنھجن نيڪ مردن ڏي ھلي ويا ته مسئلو حل ڪرايو پر ڪنهن به دانهن نه ٻڌي اڄ ٽي ڄڻا قتل ٿيا آهن.

هنن چيو ته ناحق ٽي خون ڪندڙن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
broken clouds
25.5 ° C
25.5 °
25.5 °
54 %
1.5kmh
67 %
خميس
25 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
27 °
آچر
29 °
سُومر
30 °

تازه ترين خبرون