تازه ترين

نوابشاهه ۾ ايڇ آءِ وي پکڙجڻ بابت سنڌ ٽي وي نيوز جي خبر جو صوبائي وزير عذرا پيچوهو نوٽيس ورتو آهي

- Advertisement -
نوابشاهه ۾ ايڇ آءِ وي پکڙجڻ بابت سنڌ ٽي وي نيوز جي خبر جو صوبائي وزير عذرا پيچوهو نوٽيس ورتو آهي. صوبائي وزير عذرا پيچوهو نوابشاهه پهچي ضلعي ۾ قائم رت گڏ ڪندڙ ادارن کي اسڪريننگ ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ڪميٽي مدر اينڊ چائلڊ ڪيئر اسپتال نوابشاهه ۾ اسڪريننگ شروع ڪري ڇڏي. ڊي جي حيدرآباد به نوابشاهه ۾ ايڇ آءِ وي پکڙجڻ تي ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي، ڪميٽي نوابشاهه پھچي مختلف رت گڏ ڪندڙ ليبارٽرين جي اسڪريننگ ڪندي. ٻئي طرف صحت جي صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو پاران ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياري پوليو خلاف قومي مهم جو افتتاح ڪري ڇڏيو. ڊاڪٽر عذر فضل پيچوهو جو چوڻ هو ته پوليو مهم دوران بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو نه ڪندڙ عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. سندس چوڻ هو ته پوليو ورڪرز سندن قوم جا هيرو آهن جيڪي سخت موسمي حالتن ۾ به ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ جو قومي فرض نڀائي رهيا آهن. صحت جي صوبائي وزير طرفان بهترين ڪارڪردگي تي اڳوڻي ڊي ايڇ او ۽ ليڊي هيلٿ ورڪرز ۾ شيلڊون ۽ سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
11.2 ° C
11.2 °
11.2 °
12 %
0.3kmh
100 %
سُومر
11 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
18 °

تازه ترين خبرون